بالاچ گرگيج

بالاچ گُرگيج: بلوچستان ۾ گوريلا لڙائي وڙهندڙ پهرئين شخص ’بالاچ‘ جو تعلق بلوچن جي ’گرگيج‘ قبيلي سان هو. هو ننڍو هو ته سندس ڀاءُ ”دودي“ کي سردار ’بيورغ‘ قتل ڪري ڇڏيو. ان وقت سندس والده کانئس ڀاءُ جي قاتلن کان بدلي وٺڻ ۽ ’سميءَ‘ جي لٽيل مال واپس آڻڻ جو وعدو ورتو هو. واضح رهي ته سمي نالي عورت وڏي دولتمند هوندي هئي، کيس ڪوبه اولاد نه هو. سردار ’بيورغ‘ سندس دولت ڦٻائڻ جي ڪوشش ڪئي، ته سميءَ دولت سميت دودي وٽ پناهه ورتي. بيورغ انا جو مسئلو بنائي، ’سَميءَ‘ کي زوريءَ ’دودي‘ وٽان کڻي ويو. دودي کي جڏهن ’سَميءَ‘ جي اغوا جي خبر پئي ته، ’بيورغ‘ سان وڙهڻ ويو. جيئن ته هو اڪيلو هو، ان ڪري بيورغ ۽ سندس ساٿين کيس قتل ڪري ڇڏيو. دودي جي قتل کان پوءِ بالاچ پنهنجو علائقو ڇڏي ويو ۽ ڪجهه عرصي کان پوءِ ڀاءُ جي قتل جي بدلي ۽ سميءَ جي مال واپس وٺڻ لاءِ بيورغ ۽ سندس ساٿين تي موت بڻجي آيو. هو رات جي وقت بيورغ جي علائقي ۾ داخل ٿيو، حملو ڪري ڪيترن ئي ماڻهن کي قتل ڪري ڇڏيندو هو. اهڙيءَ طرح سندس سموري حياتي بيورغ خلاف وڙهندي گذري ۽ پاڻ به قتل ٿي ويو. ڪجهه بلوچ اديبن جو خيال آهي ته بالاچ خان لسٻيلي ۽ پٻ واري علائقي ۾ سرگرم ۽ روپوش هو ۽ اهو به ممڪن آهي ته اهو ئي بالاچ اڳتي هلي ’بلاول‘ جي صورت ۾ مقبول ٿيو. جيڪو هاڻي نوراني باغ وارو بزرگ آهي. ان راءِ جي حق ۾ بهرحال ڪنهن وٽ به ڪو دليل نه آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2007.00.00  عيسوي

قومپرست بلوچ اڳواڻ نواب خير بخش مريءَ جي پٽ جو نالو به ’ بالاچ ‘ هو ، جيڪو 2007ع ۾ پاڪستان ۽ افغانستان جي سرحد تي مارجي ويو هو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عصمت ڏاهري
جلالاڻي ارشاد علي فقير صوفي
ابراهيم آڌيلو
الاهي بخش ٻانڀڻ2
اڪبر حسين راشدي
آگھمي ابو طالب
شيرين مزاري
شفيع محمد ڪرناڻي
توخته بيگ
جعفري علي سردار
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون